ڇوڪري جوابدار کي پنھنجون تصويرون موڪليون: گوجرا زيادتي ڪيس ۾ اھم انڪشاف سامھون اچي ويا

0
348
پنھنجون تصويرون موڪليون

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) گوجرا جي ويجھو فيصل آباد موٽر وي تي ڪار ۾ ڇوڪري سان مبينا زيادتي ڪيس ۾ اھم انڪشاف سامھون آيا آھن

پوليس موجب واقعي جو ڪيس 11 آڪٽوبر تي ڇوڪري جي ماسي جي مديعت ۾ داخل ڪيو ويو، جنھن بعد  مک جوابدار سوڌو 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آھي

پوليس جو چوڻ آھي تھ واقعي ۾ استعمال ٿيل گاڏي بھ قبضي ۾ ورتي وئي آھي، پوليس موجب جوابدار شروعاتي بيان ۾ ٻڌايو آھي تھ ڇوڪري سان 15 ڏينھن اڳ موبائيل فون تي دوستي ٿي ھئي، واقعي ڏينھن ھو ڇوڪري ۽ ان جي دوست کي ان جي فرمائش تي فيصل آباد ڇڏڻ ويو ھو

ڊي ايس پي گوجرا جو چوڻ آھي تھ جيو فرانزڪ ۾ جوابدار ۽ متاثر ڇوڪري جي  وچ ۾ موبائيل فون رابطن جي تصديق ٿي آھي، ڇوڪري جوابدار کي پنھنجون تصويرون بھ موڪليون ھيون، ڇوڪري جو مستقل پتو نھ آھي ۽ ڪال ڊيٽا رڪارڊ تان بھ ان جي پوزيشن ملتان، فيصل آباد ۽ ٽوبا ٽيڪ سنگھ معلوم ٿئي ٿي

پوليس جو چوڻ آھي تھ ڇوڪري کي جاچ لاءِٰ گھرايو ويو آھي، پر ھوءَ جاچ ۾ شامل ناھي ٿي، وڌيڪ جاچ جاري آھي.