ٿر ۾ ٻارڙن تان موت ٽارو نه ڪيو، اڄ وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت

0
172
ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ

مٺي ( رپورٽر ) ٿر ۾ ٻارن جي موت وارن واقعن تي ضابطو اچي نه سگهيو، مٺي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا

هلندڙ مهيني فوتي ٻارن جو انگ 20 ۽ هلندڙ سال 475 ٿي ويو، جڏهن ته 80 کان به وڌيڪ ٻارڙا مٺي سول اسپتال ۾ داخل آهن.