ڇا توهان ڄاتو آهي!

0
256
ماسيءَ جي نانءُ!

 ڇا توهان ڄاتو آھي ته فائيلن ۾ سُتل ڊگرين تي فخر ڪندڙ فرد تاريخ جي سيني ۾ لڳل گولي جي زخمن تي پھا نٿا رکي سگهن اهو ڪم فقط اهي ڪري سگهن ٿا جن جي فڪري وشالتا ڪمال آھي ۽ سندن قد ڏيڍ فُٽين سَندَن کان اڳتي سياسي نظرياتي پختگي سببان پھاڙن کان اوچو آھي!

                 ڇا توهان ڄاتو آھي ته هن ڳورپٽ جهڙي دنيا ۾ ٻار جي ناڙي وڍڻ وقت نڪتل رڙ ئي اها مقدس رڙ هوندي آھي جيڪا هڪ حياتياتي سفر جي آغاز جو سھڻو اظھار ھوندي آهي، باقي ته زندگيءَ جون سڀ رڙيون هن نظام جي ناانصافي ۽ بي حسي،وائڙائپ ۽ پسماندگيءَ جو ڀيانڪ روپ هونديون آھن!

                 ڇا توهان ڄاتو آھي ته روشن خيالي ۽ سڪون بي حد مھانگو صبح ان ڪري آھي جو هتي ڊگهين تاريڪ راتين جا رکوالا جاڳندڙ اکين جي خوابن کي سستو خريد ڪري وٺن ٿا ۽ جي ڪي مٿير مڙس نٿا خريد ڪري سگهجن ته سندن سر خريف جي فصل جيان لاٿا وڃن ٿا!

ڇا توهان ڄاتو آھي ته اُهي اکيون ئي جهنگ نما سماج کي گُلستان بڻائي سگهن ٿيون جن ۾ ننڊون ننڍيون ۽ خواب وڏا هوندا آھن!

ڇا توهان ڄاتو آھي ته انقلاب مهمان ناهي جو اوچتو اچي در تي ٺُڪ ٺُڪ ڪرائيندو يارو انقلاب ته گُل آھي ايستائين توهان کي خوشبو سان نه واسيندو جيستائين توهان جدوجهد جو ٻج ڇٽي ان کي رت ست جي آبياري نٿا ڪريو!

ڇا توهان ڄاتو آھي ته زهر کي امرت سمجهڻ سان زهر امرت ناهي ٿيندو افسوس اسان جو نوجوان اندر جو زهر ختم ڪرڻ بدران هٿن سان زهر اندر وجهي رهيو آھي جيڪا جوت هن ڪچري جهڙي نظام کي لڳڻ گهرجي اها جوت هو منشيات جي صورت ۾ پاڻ کي لڳائي آھستي آھستي مري رهيو آھي هن جي دماغ ۾ اهو احساس هوا ۾ ڏيئي جيان ٻرڻ گهرجي ته هو پاڻ سان گڏ پوري قوم جي اميدن کي جلائي رهيو آھي ڇاڪاڻ جو قوم نوجوانن جي ڳاڙھي رت ۾ انقلاب جا جهنڊا کُپندي ڏسڻ چاهي ٿي!

ڇا توهان ڄاتو آھي ته غريب ويتر غريب ۽ امير ويتر امير ڇو پيو ٿيندو وڃي؟ اهو هڪ اهڙو سوال آھي جيڪو پئسي جي غيرمنصفاڻي ورڇ جي در تي ڦوروئن جي گهيري ۾ بيٺو آھي جنهن جي جواب ۽ حل لاءِ توهان جي مسلسل اڻٿڪ ۽ اٽل جدوجھد جي اشد ضرورت آھي!

ڇا توهان ڄاتو آھي ته محروميءَ جي ڊگهي حساب جي پاڇيءَ هن نظام جي غلط ڏنل رقم کي غلط کوڙو لڳڻ سبب بچي ويندي آھي!

ڇا توهان ڄاتو آھي ته وڏن شھرن جي هڪ وڏي بدصورتي اها آھي جو هن جون ناريون رات جو ڇت تي چڙھي وڃڻ کان پوءِ به آسمان جي ڳلن تي جَريءَ جيان جرڪندڙ ستارا ڏسي ناهن سگهنديون  ۽ ٻي بدصورتيءَ اها آھي جو اتي اصليت مصنوعيت جي مشين ۾ هاريءَ جي آڱر وانگر ڪتر جي مشين ۾ اچي ڪتر ڪتر ٿي ويندي آھي!

ڇا توهان ڄاتو آھي ته خودڪشي ڪندڙ ڪنواري ڇوڪريءَ جي تڏي تي نوٽ بوڪ رکجي ته تعزيت ڪندڙ هر فرد پنهنجا اگهاڙا لفظ پنن تي ٿُڪي ان ڇوڪري سان منصوب ڪندو جنهَن جو هن کي واءُ سواءُ به نه هو!

ڇا توهان ڄاتو آھي ته زندگي ياد ۽ خواب جي وچ ۾ هڪ پيارو پنڌ آھي ۽ ان پنڌ جو زمانوي نالو حال آھي!

ڇا توهان ڄاتو آھي ته اڪثر ياد ڀونڪندي ان ڪري آھي جو اسين حال ۾ ان کي ٽُڪر ناهيون اُڇلائيندا ۽ خواب لُڙھندا ان ڪري آھن جو اسين عمل جي عينڪ پائڻ وساري ويهندا آھيون!

ڇا توهان ڄاتو آھي ته زندگي هرڻي آھي ۽ وقت چيتو. انسان جو سمورو سفر هرڻي جي ڇالن ۽ چيتي جي ٻرانگهن جو سفر آھي پر مزو تڏھن آھي جڏھن زندگي چيتو بڻجي وقت جي هرڻي پويان ڊوڙي!

ڇا توهان ڄاتو آھي ته تاريخ جو ادراڪ اها بَتيءَ آھي جيڪا جيڪر حال جي اونداهي رستي هڻڻ بدران هلنداسين ته اوچتو ايندڙ تيز گاڏين جا ٽائر خراب ڪنداسين، کڏن ۾ ڪري پونداسين يا وري زهريلن جيوتن هٿان ڏنگجي وينداسين!

ڇا توهان ڄاتو آھي ته غلام طبقن جي ڪنوارين ڇوڪرين جي ٻانھن ۾ ڇمڪندڙ چوڙين ۾ آزاديءَ جو سُر هوندو آھي!

ڇا توهان ڄاتو آھي تنهائيءَ غريب جي اها ٻنيءَ آھي جنهن تي جيڪر ڪوئي جهُڳي ناهي ٺھيل ته ڪيئي وڏيرن جي واٺن جھڙا ناڪاره خيال قبضو ڪري وجهن ٿا!

ڇا توهان ڄاتو آھي ته احساس برتري احساس محرومي جو اولاد آھي!

ڇا توهان ڄاتو آھي ته اسان جو سماجي، اخلاقي، سياسي ۽  نفسياتي ۽ ادبي معيار رڳو ميار ڏيڻ جوڳو ناهي پر محنت ڪري تبديليءَ جو گهرجاءُ آھي. معيار کي ميارون ڪيستائين ڏينداسين!

ڇا توهان ڄاتو آھي ته مسئلو اهو ناهي ته مسئلا گهڻا آھن پر مسئلو اهو آھي جو مسئلن جي جڙ کي حل ڪرڻ لاءِ اسين سنجيده ناهيون!