سنڌ جي تھذيب جي اھڃاڻن سان آخر ھٿ چراند ڇو؟

0
165
ڪارونجھر اسان جو قومي ورثو

  قومن جي استحصال جا ڪيئي قسم آھن جيئن ڪو به طبقو ڪنھن مخصوص مقصد ۽ نظرئي ھيٺ ڪم ڪندو آھي ۽ اھو مقصد جڏھن پنھنجي تڪميل تي پھچندو آھي ته اھو نظريو ۽ ان سان لاڳاپيل استحصالي گروھه ختم ٿي ويندو آھي اھڙي ئي طريقي سان غلام سماج ۾ غلامي ھيٺ رکڻ ۾ مذھب جو پڻ وڏو اھم ڪردار ھوندو آھي ۽ استحصالي قوتون جڏھن به جنھن قوم تي قبضو ۽ ڦرلٽ ڪنديون آھن ته سڀ کان اڳ استحصالي قوتون ان سماج تي پنھنجو مذھب رضامندي يا زبردستي رائج ڪنديون آھن. جيئن ماضي ۾ غلام شيدي قبيلن جي غلامي تي نظر وجھڻ سان پتو پوي ٿو ته ڪيئن انھن کي گورن جاگيردارن غلام رکيو ۽ انھن کان سماجي زندگي جو ھر سک کسيو ويو ايتري تائين جو ھو باضابطا شادي جي رسم به ادا نه ڪري سگھندا ھئا ۽ انھن کي قانوني طور تي شادي جي نه اجازت ھئي ۽ نه ان کي گھر ٺاھي خانداني حيثيت ۾ رھڻ جو ڪو حق ھو ۽ جيڪڏھن ڪا غلام عورت ۽ مرد باھمي رضامندي سان ڪنھن به رسم کان سواءِ گڏ رھي زندگي گذاريندا ھئا ۽ انھن کي اولاد پڻ ٿيندو ھو ته وري انھن مان عورت  مرد يا وري سندن اولاد کي سندن آقا پاران وڪرو ڪرڻ جو پورو حق ھو نتيجي طور ھوءَ دائمي اضطراب جو شڪار رھندا ھئا، ان ڪري اھي غلام قبيلا پنھنجي آقائن جي قيد ۾ رھي پنھنجي قبيلي جي ڪنھن به خانداني ريت رسم کي ملھائي نه سگھندا ھئا ۽ اڳتي ھلي انھن  غلامن کي مجبور ڪيو ويو ته ھو آقائن جو مذھب قبول ڪن ۽ پنھنجي تاريخ ٻولي ۽ ثقافت تان ھٿ کڻي وڃن. اھڙي ئي روش سنڌ سان پڻ روا آھي. ڪافي ڏينھن کان ھڪ اھم معاملو سنڌ جي شعور جي ذھن تي گردش پيو ڪري اھو اھو ته سنڌي ادبي بورڊ جو نشان (لوگو) ڪتابن ۽ اداري مان ھٽايو پيو وڃي.  سنڌي ادبي بورڊ جو لوگو جيڪو دنيا جي قديم تھذيب موھن جو دڙو مان لڌل ڍڳي وارو نشان آھي سنڌ جي قديم جاگرافي تھذيب ثقافت ۽ تاريخ جو اھڃاڻ آھي ھتي ھڪ سوال آھي ته آخر ان نشان (لوگو) ھٽائڻ مان ادبي بورڊ جو سربراھه ڇا ٿو ثابت ڪرڻ چاھي؟

سنڌ جي معدني وسيلن، نوڪرين، ڪاروباري مرڪزن شھري زمينن، ٻولي، تعليم ۽ تاريخي جاين تي ان حڪمران سرمائيدار طبقي جي ھڪ ھٽي قائم آھي پر سنڌ جي قديم تاريخ تھذيب ۽ تمدن سان لاڳاپيل قومن جي سڃاڻپ جي قومي اھڃاڻن تي پڻ پابندي. اھو اسلام سميت ڪھڙو مذھب ٿو چوي ته قومن جي تاريخ ثقافت تھذيب جي قومي اھڃاڻن سان ھٿ چراند ڪيو؟ ڇا رسول ڪريم ص جن حبشه جي بادشاھه نجاشي کي لکيل خط ۾ نجاشي لکيو ته اوھان اسلام قبول ڪري پنھنجي قومي تاريخ ۽ ثقافت تان دستبردار ٿي وڃو. ادبي بورڊ جو اھڙو عمل رسول ڪريم ص جي تعليم جي پڻ نفي آھي.

دنيا جي مختلف مسلمان ملڪن جا قومي نشان پڻ جانورن جون تصويرون آھن ته ڇا انھن جي ايمان تي شڪ ڪجي؟

قومن جي قديم اھم تاريخي آثارن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ماضي ۾ پڻ اھڙي قسم جا ڪيئي حربا ھلايا ويا آھن جنھن جا ٻه مثال ھتي پيش  ڪجن ٿا.

فرانسيسي فوجين ابو سمبل جي نڪ تي نشاني بازي  پئي ڪئي، ايئن کڻي سمجھجي ته تفريح ٻين لفظن  ۾ تذليل پئي ڪئي، جنھن جي نتيجي ۾ ابو سمبل جي مورتي جو نڪ ٽٽي پيو جيڪو اڄ به ان ئي حالت ۾ آھي. اھڙي ئي طريقي سان اسلامآباد جي گٽرن جي ڍڪڻن تي ڍڳي جو نشان ٺاھي سنڌ جي تھذيب جي تذليل ڪئي وئي آخر اھڙي حرڪت مان اسلام آباد ڇا ٿو ثابت ڪرڻ چاھي ؟

ٻي ڳالھه ته انگريز ھندوستان جي خوبصورت تاريخي ورثي تاج محل کي ان لاءِ ڊاھڻ پئي چاھيو ته جيئن ان ۾ لڳل قيمتي ماربل کي ٻاھر وڪرو ڪيو وڃي پر خوش قسمتي سان عالمي منڊي ۾ ماربل جو اگھه ڪري پيو ۽ نتيجي طور تاج محل ھڪ خوبصورت احساس مسماري کان بچي پيو، پر سنڌ ۾  ڪارونجھر جو گرينائيٽ پٿر جيڪو بنا ڪنھن روڪ ٽوڪ جي ڪٽي وڪرو ڪيو پيو وڃي جيڪو سنڌ جي فطري حسن تي ڪارو وار آھي.

مصر جيڪو صديون اڳ مسلمان ٿي چڪو آھي انهي نيل درياءَ جي ٻوڏ جي خطري سبب پنھنجي قديم ابو سمبل جي مندر کي يونيسيڪو کان ڪروڙين ڊالر خرچ ڪرائي جديد ڪرين مشينن سان اتان  کڻائي ٻئي ھنڌ منتقل ڪيو. اھڙي طريقي سان اسان کي سنڌي قوم کي پورو اختيار ھجڻ گھرجي ته اسان پنھنجا تاريخي اھڃاڻ ساھه ۾ سان سانڍيون .

سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت سان لاڳاپيل ھن اھم مسئلي تي باضابطا تحريڪ ھلائڻ گھرجي جيڪا سنڌيت جي علامت ڍڳي جي نشان جي ٻيھر بحالي تائين مسلسل عمل ۾ رھي .