ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇرو ويجهو ڳوٺ ڍاڪلو ۾ رڌ پچاءُ دوران چلهه مان چڻنگ مان باهه سبب سنگراسي برادري جي ٻن ڀائرن ۽ بيواھ عورت سميت 6 پورهيتن جا ڪکاوان اجھا مڪمل طور سڙي رک ٿي ويا، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ضابطو آندو، ان حوالي سان متاثرن ۾ سگهو سنگراسي،سجاع، پناهه، جمعون، صيفل الله سنگراسي ۽ بيواھ عورت حاجياڻي زال قمبر سنگراسي شامل آهن، ان حوالي سان متاثرن ٻڌايو ته باهه سبب گهرن ۾ پيل ٽن نياڻين جو ڏاج، ڪپڙا،کٽون، بسترا، زيور، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو، 2 ٻڪريو به سڙي مري ويون آهن، هنن چيو ته اطلاع باوجود فائر برگيڊ گاڏيون خراب هجڻ جو جواز ڄاڻي جواب ڏنو ويو جنهن سبب نقصان ٿيو آهي.