ٿاڻوبولاخان (ن پ ا) ٿاڻوبولاخان جي ڳوٺ ڪرچات ۾ گھريلو پريشانيء سبب نوجوان علي شير پٽ ھمر ڏڌر زھريلي دوا پي پنھنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو آهي، نوجوان جو لاش پوليس ۽ وارثن تعلقي اسپتال ٿاڻوبولاخان آندو، جتان نوجوان لاش جو پوسٽ مارٽم بعد ضروري ڪارروائي کانپوء وارثن حوالي ڪيو ويو. ابتدائي رپوٽ ۾ فوتيء جو موت زھريلي دوا پيئڻ سبب ٻڌايو ويو آهي، وڌيڪ جزا وٺي فارينزڪ ليبارٽري لاءِ موڪليا ويا آھن، حتمي خبر پوسٽ مارٽم رپوٽ اچڻ کان پوء پوندي. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.