ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇري ويجهو ڳوٺ مانٻائي جو تڙ ۾ رڌ پچاءُ دوران چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ پورهيت چنيسر سميجو ۽ ممتاز سميجو جا چار ڪکاوان چونئرا سڙي رک ٿي ويا. گهرن ۾ پيل کٽون، بسترا، کاڌي پيتي جو سامان، اناج ۽ ٻيو سامان باهه جي نذر ٿي ويو. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ باھ تي ضابطو آڻي وڌيڪ گهرن کي نقصان کان بچائي ورتو.