جھول (ن پ ا) جھول لڳ عدالتي حڪم تي پنجاهه سال پراڻي ٻن ڳوٺن عاقل چانڊيو ۽ اڏيو ميگھواڙ جي ڳوٺاڻن کان گھر خالي ڪرائڻ لاءِ پوليس اٽالا ساڻ ڪري پھتل سول جج سانگھڙ ٿري احمد سرور آرائين، مختيارڪار سنجھورو امداد حسين سيال اڳيان ڳوٺاڻن عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت راجو مل ميگھواڙ، ڏيارام ميگهواڙ، موھن جھولائي، اڏيو مل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري انتظاميا کي گهر خالي ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو، جنھن بعد انتظاميا ۽ اڳواڻن وچ ۾ ٿيندڙن ڳالھين بعد ڳوٺاڻن کي 15 ڏينھن جي مھلت ڏني وئي ته اھي زمين جي مالڪ اعجاز قريشي سان ڳالھيون ڪري مامرو حل ڪن ٻي صورت ۾ گھر خالي ڪرائي زمين کاتيدار جي حوالي ڪئي ويندي. احتجاج ڪندڙن چيو ته اسان 50 سالن کان ويٺل آهيون اوچتو بااثر زميندار اعجاز قريشي چيو ته هي زمين مون کڻت ڪئي آهي. جڏهن ته رابطو ڪرڻ تي زميندار اعجاز قريشي جو چوڻ آهي ته زمين قانوني طور منهنجي آهي ۽ ڳوٺاڻا زمين خالي نه ڪري رهيا آهن.