ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇري ڀرسان وڏي آباديءَ واري ڳوٺ اوڏاڻي ۾ لڳل هڪ لک گيلن واري آر او پلانٽ جي مرمت لاءِ آيل ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ، منظور ٿيل ٻن بورن مان هڪ بور لڳائڻ ۽ پائيپ لائين ۾ اڌ ڳوٺ جي آبادي کي سياسي طور ٽارگيٽ ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن رسول بخش ڏوهٽ جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪندي چيو ته بااثر ٺيڪيدار آر او پلانٽ جي مرمت ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪري رهيو آهي. مظاهرين لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪندي چيو ته معاملي جو نوٽيس ٺيڪيدار کي ڪم جو معيار بهتر ڪرڻ جو پابند بڻايو وڃي.