چونڊڪو ۾ هٿياربندن هٿان گهر اندر ڳڀرو جوان قتل

0
206
چونڊڪو ۾ هٿياربندن هٿان

چونڊڪو(ن پ ا) چونڊڪو ۾ سوراهه ٿاڻي ڀرسان پورهيت جي گھر تي نامعلوم هٿاربندن جي چڙھائي، فائرنگ ڪري 20 سالا نوجوان علي رضا لاشاري کي گهر اندر ئي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، مقتول جو پي غلام مصطفي لاشاري جو چوڻ آهي ته منهنجي پٽ کي بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد هٿياربند سولائي سان فرار ٿي ويا آھن، سوراهه ٿاڻي کي بروقت اطلاع ڏنو پر موقعي تي پهتي، پوليس جو چوڻ آهي ته قتل ٿيل نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ رورل هيلٿ سينٽر چونڊڪو منتقل ڪيو آھي، اطلاع آھن ته نوجوان کي امجد پٽ بنو لاشاري قتل ڪيو آھي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون.