ٽنڊومستي ڀرسان پيرسن آپگهات ڪري ڇڏيو

0
241

ٽنڊومستي (ن پ ا) ٽنڊومستي ڀرسان 55 ورھين جي پيرسن زھريلي دوا پي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو، ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي چونڪي سوھو ڪناسرا جي حد ڳوٺ يارمحمد اڄڻ ۾ 55 ورھين جي پيرسن غلام رضا پُٽ گلڻ خاصخيلي گھرو پريشانين سبب زھريلي دوا پيتي، جنهن کي وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي خيرپور اسپتال آندو، جتي ھو فوت ٿي ويو ۽ ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، ياد رھي ته 5 مھينا اڳ پيرسن جا 2 نوجوان پٽ ٽنڊومستي ڀرسان به پريس مشين جي کڏي مان گندو پاڻي ڪڍندي ساھ ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويا ھئا، جنھن کان پوءِ مسلسل فوتي پيرسن ڊپريشن جو شڪار ھو ۽ ذھني مريض ٿي ويو ھو ۽ مالي حالت سبب سخت پريشان ھو جيڪي خودڪشي جا ڪارڻ بڻيا.