چونڊڪو: سائدو مان شاده شده عورت راحيلان خاصخيلي کي هٿياربند گهر مان هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا. سوراهه پوليس ڪاروائي ڪري چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ٿيلن ۾ شفيع محمد جعفري، عارف، حفيظ الله ۽ نظر محمد جعفري شامل آهن. پوليس پاران جعفري برادري جي چئن ڄڻن خلاف عورت جي ڀاءُ ضمير حسين خاصخيلي جي فرياد تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي پر عورت کي بازياب نه ڪرائي سگھي آھي.