لاڙڪاڻو: قمبر پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ تي جوا ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، ڊي آءِ جي پاران نوٽيس وٺندي انڪوائري جو حڪم ڏنو ويو آهي. قمبر شھدادڪوٽ جي پي ٽي آءِ جي انفارميشن سيڪريٽري صدام گوپانگ تي پوليس جوا جو ڪيس داخل ڪيو. پي ٽي آءِ جي سينيٽر سيف الله ابڙو پاران اھڙي معاملي تي پوليس جي اختيارين سان ڳالھيون ڪيون ويون، پي ٽي آءِ اڳواڻ تي جوا جي ايف آءِ آر واري معاملي جو ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو نوٽيس وٺندي ايس پي ھيڊڪوارٽر لاڙڪاڻو محمد ڪليم کي جاچ آفيسر مقرر ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.