اسلام آباد: وزيراعظم سان ملاقات لاءِ جهانگير ترين گروپ جي درخواست قبول ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب، جهانگير ترين گروپ سڀاڻي وزير اعظم سان ملاقات ڪندو ، اجلاس ۾ پارليامينٽ جا 30 کان وڌيڪ ميمبر شرڪت ڪندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم اين ايز وزيراعظم کي جهانگير ترين ڪيس جي حقيقتن بابت آگاهي ڏيندا. ياد رهي ته سياسي ڪميٽي کي وزيراعظم عمران خان طرفان جهانگير ترين سان ملاقات جي لاءِ ٽاسڪ ڏنو ويو هو ، پر جهانگير ترين سياسي ڪميٽي سان ملڻ کان معذرت ڪئي هئي. جهانگير ترين چيو هو ته اسان ڪنهن ڪميٽي سان نه ملنداسين ، اسان پنهنجو موقف وزير اعظم آڏو رکنداسين.