چمبڙ(ن پ ا) چمبڙ ڀرسان موٽرسائيڪل بيٺل بس سان ٽڪرائجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ نينگر فوت ٿي ويو.ان ڏس ۾ چمبڙ _ٽنڊوالھيار روڊ تي موٽرسائيڪل جو بيٺل بس کي زودار ٽڪر ٿي پيو،، ڳوٺ شامون ڪڇي واسي ڌنيش ڪڇي جي موٽرسائيڪل جو بيٺل بس کي زوردار ٽڪر ٿيڻ سبب 14 ورهين جو نينگر ڌنيش سخت زخمي ٿي پيو اھڙي اطلاع تي چمبڙ پوليس حادثي واري ھنڌ پھچي زخمي نوجوان کي رورل ھيلٿ سينٽر چمبڙ آندو ويو جتان ابتدائي طبي امداد بعد زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سھندي نوجوان ڌنيش ڪڇي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ھوڏانھن فوتي نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي سندس گھر ۾ ڪھرام مچي ويو.