لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ هفتو اڳ نامعلوم ماڻهن پاران روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل ناري کي علاج لاءِ داخل ڪرايو ويو هو، جنهن جي وارثن جو اڃا تائين پتو پئجي ناهي سگهيو، ان ڏس ۾ عورت جي سار سنڀال اسپتال جو ڊسپينسر علي رضا مٺياڻي ڪري رهيو آهي. هن اپيل ڪئي ته زخمي ٿيل ناري جي وارثن جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.