مٺي (رپورٽر) مٺيءَ جي عدالت ۾ مقتول دودو ڀيل جي قتل خلاف وارثن پاران هنيل پرامن ڌرڻي تي پوليس تشدد، رفتارين ۽ گرفتار اڳواڻن تي تشدد سان گڏ ڪپڙن کان آجو ڪري تذليل واريون وڍيوز رڪارڊ ڪرڻ جي الزام هيٺ ايس ايس پي، ڊي ايس پي، سي آءِ اي انچارچ ۽ 5 ايس ايچ اوز سميت 100 اهلڪارن مٿان ڪيس لاء درخواست داخل ڪرائي ويئي آھي، عدالت درخواست ٻڌڻ لاءِمنظور ڪندي ايس ايس پي سميت الزام هيٺ آيل پوليس آفيسرن کان 28 جولاءِ تي جواب طلب ڪرڻ لاءِء نوٽيس جاري ڪيا آھن. ان ڏس ۾ ڌرڻي جي اڳواڻي ڪرڻ دوران گرفتار ڪيل اڳواڻ لجپت سوراڻي پاران ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مٺي جي عدالت ۾22 اَي تحت داخل ڪرايل درخواست ۾ ايس ايس پي ٿرپارڪر حسن سردار نيازي کي مُک جوابدار طور ڄاڻايو ويو آھي ۽ ڊي ايس پي هارون رشيد سرائي، ذوالفقار حيدري، مبارڪ راڄڙ، قربان راڄڙ، ماجد قائمخاني، عبدالرزاق جمالي ۽ ايس ايچ او امين جوڻيجو سميت 100 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي گذارش ڪئي ويئي آھي. عدالت سڳوري ايس ايس پي سميت درخواست ۾ جوابدار ڄاڻايل سمورن پوليس آفيسرن کان 28 جولاءِ تي جواب طلب ڪيو آھي ۽ کين نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آھن. اهڙي درخواست داخل ڪرائڻ بعد لجپت سوراڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان دودو ڀيل جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي عبرت ناڪ سزا ڏيارڻ سان گڏ پرامن وارثن مٿان پوليس گردي ڪندڙ ايس ايس پي سردار حسن نيازي ۽ ٻين کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻيندايسين. هن چيو ته عدالتي توڙي عوامي فورمن تي ڀرپور آواز بلند رکنداسين، انصاف لاء آخري حد تائين وينداسين.