حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) اينٽي ڪرپشن پوليس ڪرپشن ۽ سرڪاري رڪارڊ ۾ ڦيرڦار ڪرڻ جي الزام هيٺ قاسم آباد جي اڳوڻي مختيارڪار، ٻن تپيدارن ۽ ٻن خانگي ماڻهن سميت 5 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي. اينٽي ڪرپشن سرڪل حيدرآباد جي انچارج انسپيڪٽر محمد ڪاشف گجر جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ قاسم آباد جي اڳوڻي مختيارڪار مختيار قريشي، اڳوڻي سپروائيزنگ تپيدار سيد مظھر علي شاھ، تپيدار دين محمد پيرزادو ۽ ٻن خانگي ماڻهن محمد اڪرم خان ۽ مشتاق احمد کي نامزد ڪيو ويو آهي. ڄاڻايل ڪيس ايف آءِ آر نمبر 2021/4 تحت داخل ڪري ان ۾ قلم 409، 420، 465، 467، 34 پي پي سي جا قلم لاڳو ڪيا ويا آهن. اينٽي ڪرپشن سرڪل پوليس ڄاڻايو آهي ته جوابدار اڪرم خان روينيو کاتي جي اڳوڻن عملدارن سان مبينا طور ملي ڀڳت ڪري سٽيزن ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ۾ ھڪ عورت غلام فاطمه ميمڻ جي پلاٽ جي رڪارڊ ۾ مبينا ڦيرڦار ڪري پلاٽ پنھنجي نالي ڪرائڻ بعد مشتاق احمد نالي شخص کي وڪرو ڪيو. بعد ۾ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو جاچ کانپوءِ اڪرم ۽ مشتاق جي نالي سان ٿيل ڪوڙي داخلا رد به ڪري ڇڏي هئي. اينٽي ڪرپشن پوليس موجب رڪارڊ جي جاچ ۾ الزام ثابت ٿيڻ تي انهن اي سي سي ٽو جي منظوري بعد اڳوڻي مختيارڪار قاسم آباد مختيار قريشي، اڳوڻي سپروائزنگ تپيدار سيد مظھر علي شاھ، تپيدار دين محمد پيرزادو، محمد اڪرم خان ۽ مشتاق احمد خلاف جعلسازي، ڪرپشن ۽ سرڪاري رڪارڊ ۾ ڦيرڦار ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڄاڻايل پلاٽ جي ابتدائي طور 3 سيپٽمبر 1994ع ۾ رجسٽري ٿي هئي. بعد ۾ 7 آگسٽ 1989ع ۾ ڦيرڦار جون شڪايتون ملڻ شروع ٿيون جنهن بعد ڄاڻايل پلاٽ تي ٻيهر 4 آڪٽوبر 2013ع تي غيرقانوني طور ڦيرڦار جون شاهديون پڻ مليون. اينٽي ڪرپشن موجب 11 ڊسمبر 2013ع ۾ معاملو وائکو ٿيو. سينيئر بورڊ آف ميمبر ڄاڻايل پلاٽ بابت 29 جولاءِ 2019ع تي جاچ جو حڪم ڏيندي رجسٽري کي رد ڪري ڇڏيو هو. جنهن بعد لاڳيتو ان معاملي جي جاچ هلندڙ هئي، 23 جولاءِ تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.