ڄامشورو: منشيات کپائڻ کان ڇو ٿا روڪيو، منشيات فروشن جو پاڙي وارن تي حملو

0
331
منشيات فروشن جو پاڙي وارن تي حملو
ڄامشورو: منشيات کپائڻ کان ڇو ٿا روڪيو، منشيات فروشن جو پاڙي وارن تي حملو

ڄامشورو(ن پ ا) منشيات کپائڻ کان ڇو ٿا روڪيو، منشيات فروشن جو پاڙي وارن تي حملو، شهري غلام علي جو چوڻ آهي ته منشيات فروشن اڳ ۾ گهٽي ۽ پوءِ گهر اندر داخل ٿي گهر ڀاتين تي تشدد ڪيو، جوابدارن حملو ڪري نياڻين کي تشدد جو نشانو به بڻايو، گهر جي سامهون، چرس، شراب وڪرو ڪيو ويندو آهي، روڪڻ تي اسان کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي، هن چيو آهي ته ايس ايڇ او ڄامشورو آدم ابڙو هتان منٿلي وٺندو آهي، ان ڪري انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، وزير اعلي سنڌ، آئي جي سنڌ معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڏيارين.