امريڪا ۾ موجود فليٽ منهنجي ملڪيت ناهي: آصف زرداري نيب ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو!!

0
734
توشه خانه ريفرنس ۾ آصف زرداري

اسلام آباد: نيب پاران اڳوڻي صدر آصف زرداري جي نيويارڪ ۾ موجود ملڪيت واري معاملي ۾ آصف زرداري نيب ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب صدر نيب کان نيويارڪ فليٽ ڪيس ۾ جواب داخل ڪرائڻ لاءِ وقت گهريو هو، جنهن بعد جواب داخل ڪرائيندي هن چيو ته آمريڪا ۾ فليٽ منهنجو نه آهي، جنهن سال فليٽ خريد ڪيو، ان سال ئي وڪرو ڪيو ويو هو، جڏهن فليٽ خريد ڪيو ته ان وقت ڪنهن عوامي عهدي تي فائز نه هيس. هن چيو ته امريڪا پنهنجي علاج لاءِ ويو هيس. واضع رهي ته نيب اڳوڻي صدر مٿان هڪ لک 35 هزار ڊالرن ۾ فليٽ خريد ڪرڻ جو الزام لڳايو هو.