ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاهه جي تپيدار پاران شهر جي مختلف ريڙهن تان هنداڻو مفت ۾ وٺڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي ، جنهن بعد ڊي سي کي مٽياري کيس معطل ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ ڀٽ شاهه جي تپيدار نظر علي نندواڻي پاران شهر جي مختلف ريڙهن تان افطاري لاءِ روزانو هنداڻو مفت ۾ کڻي وڃڻ جو انڪشاف سامهون آيو ۽ هنداڻو وڪرو ڪندڙن جي شڪايتن واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. تپيدار جي موجودگي ۾ هنداڻو وڪرو ڪندڙ واپاري دانهيندي چيو ته تپيدارنظر علي نندواڻي هر روز داٻا ڏيئي وڏو هنداڻو کڻي ويندو آهي. پئسا گهرڻ تي ڌمڪيون ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار کي وٺي اچي تنهنجي مٿان ڏنڊ لڳرائيندس. اسان سان ظلم آهي. اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺن، اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ڊي سي مٽياري علي مرتضيٰ شاهه سخت نوٽيس وٺندي تپيدار جي معطلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته ڪنهن به عملدار کي اهو حق نه آهي دڪاندارن ۽ واپارين کان افطاري لاءِ مفت ۾ سامان کڻي اهڙي عمل ۾ ملوث عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.