ڀٽ شاهه ڀرسان پرائمري اسڪول مال جي وٿاڻ ۾ تبديل

0
161

ڀٽ شاهه ڀرسان پرائمري

ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاهه ڀرسان ڳوٺ ميوو ساهووال جي پرائمري اسڪول کي ڳوٺاڻن مال جي وٿاڻ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، انتظاميه اک نه پٽي

بااثر ڳوٺاڻن اسڪول ۾ گڏهه، مينهون ۽ ٻڪريون ٻڌي ڇڏيون، جڏهن ته اسڪول جي عمارت به زبون حال بڻجي وئي، جنهن ڪري  ٻارڙن جي تعليم سخت متاثر  ٿيڻ لڳي

ڳوٺاڻن ۽ معصوم شاگردن دانهيندي چيو ته 200 کان وڌيڪ شاگرد آهن ۽ اسڪول بند هجڻ ڪري مال جو واڙو ٺاهيوويو آهي

هنن چيو ته اسڪول جي عمارت به زبون حال آهي ۽ هڪ استاد مقرر آهي، اسڪول ۾ گڏهه ۽ چوپايو مال ٻڌل آهي ڪير نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي

هنن مطالبو ڪيو ته تعليم کاتي جو صوبائي وزير فوري نوٽيس وٺي ۽ معصوم شاگردن جو مستقبل بچايو وڃي