وڏي وزير مانجهند حادثي جو نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

0
102

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه مانجهند حادثي جو نوٽيس وٺندي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ۽ ايس ايس پي کان رپورٽ طلب ڪرڻ سان گڏ زخمين کي بهتر طبي امداد ڏيارڻ جي هدايت ڪئي آهي

سي ايم هائوس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب وڏي وزير مراد علي شاهه مانجهند حادثي جو نوٽيس وٺندي قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي

وڏي وزير ڊي سي ڄامشورو ۽ ايس ايس پي کي هدايت ڪئي آهي ته فوتي مسافرن جا مڙهه اباڻن علائقن ڏانهن پهچائڻ لاءِ انتظام ڪيا وڃن، جڏهن ته زخمين کي بهتر طبي امداد ڏني وڃي