ڪانپور(م ڊ) ڀارت ۾ ڪورونا وبا جي ڪري اهڙا هانءُ ڏاريندڙ واقعا به ٿي رهيا آهن جو انسانيت تان ئي ارواح کڄي وڃي ٿو پر ڪورونا مرض جي ڪري ڪنهن تي ميار به نه ٿي رکي سگهجي. ڀارت جي شهر ڪانپور ۾ پٽ پنهنجي ڪورونا وائرس جو شڪار ماءُ کي روڊ تي ڦٽو ڪري هليو ويو. عورت پنهنجي پٽ وشال سان گڏ ڪانپور ڪينٽ ۾ رهندي هئي، هن ساهه ۾ تڪليف جي شڪايت ڪئي، سندس حالت خراب ٿي ته پٽ پنهنجي ماءُ کي پنهنجي ڀيڻ جي گهر جي ٻاهران روڊ جي ڪناري ڦٽو ڪري هليو ويو. جڏهن ته ڌيءُ به کيس گهر ۾ رهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.