ڪراچي: سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ 50 سالن کان وڌيڪ عمر وارن ملازمن ۽ آفيسرن کي ڪورونا کان بچاءُ واري ويڪسين لڳائڻ لاءِ ويڪسينيشن سينٽر شروع ٿي ويو، ڪالهه پهرين ڏينهن تي 30 ملازمن ويڪسين لڳرائي، ان حوالي سان اختيارين جو چوڻ آهي ته پهرين مرحلي ۾ 50 سالن کان وڌيڪ عمر وارن ملازمن کي ويڪسين لڳائي ويندي، ٻئي مرحلي ۾ 40 سالن کان وڌيڪ عمر وارن ملازمن کي ويڪسين واري عمل ۾ شامل ڪيو ويندو.