ڀارت ۽ انگلينڊ جي آخري ٽيسٽ ملتوي

0
333

مانچسٽر (اسپورٽس نيوز) ڀارت ۽ انگلينڊ وچ ۾ پنجين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ڪورونا وائرس جي ڪري ملتوي ٿي وئي آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ آخري ٽيسٽ اولڊ ٽريفورڊ ۾ ڪالهه شروع ٿيڻي هئي پر ڪورونا سبب ملتوي ڪئي وئي.

2 ڏينهن اڳ ڀارتي ڪوچ روي شاستري ۽ ٽن ٻين اسٽاف ميمبرز کي ڪورونا جي تصديق بعد هڪ وڌيڪ ميمبر وائرس جو شڪار ٿيو. انگلش بورڊ  هڪ بيان ۾ چيو ته بي سي سي آءِ سان ڳالهين ڪئي،جنهن بعد ڀارتي بورڊ تصديق ڪئي ته انگلينڊ ۽ انڊيا وچ ۾ اولڊ ٽريفورڊ ٽيسٽ ملتوي ڪئي وئي آهي.

ياد رهي ته ڀارت کي سيريز ۾ 1-2 جي برتري حاصل آهي.