ھمايون شريف ڀرسان روڊ حادثو، عورت سوڌو ٻه ڄڻا فوت

0
183

ھمايون شريف ڀرسان ڳوٺ حاجي فخر الدين کوسو جا رهواسي بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ خوفناڪ روڊ حادثي جو شڪار ٿي ويا.
بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ ٽرڪ جو ٽڪر لڳڻ سبب موٽر سائيڪل سوار پيرسن عورت سميت 2 ڄڻا ٿڏي تي فوت، ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿي ويو، علائقي واسين لاش روڊ تي ڏسي پوليس اطلاع ڏنو.
فوتين جي سڃاڻپ 40 ورهين جو سڄڻ عرف مينهون پٽ رحيم بخش کوسو ۽ سندس ڀاڄائي60 ورهين جي پيرسن مسمات زبيده زال غلام مصطفيٰ طور ٿي.
پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوت ٿيل ڏيرَ ۽ ڀاڄائي جي لاشن کي ايمبولينس ذريعي بلوچستان جي مقامي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪاروائي بعد ٻنهي ڄڻن جا لاش اباڻي ڳوٺ حاجي فخر الدين کوسو منتقل ڪري ڇڏيا.