لاهور (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم 18 سالن کانپوءِ پاڪستان جي دوري تي رات دير سان پهتي آهي، پي سي بي جي درخواست تي سول ايوي ايشين اختيارين مهمان ٽيم جي رانديگرن جي ڪورونا ٽيسٽ نه ڪئي.

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز 17، 19 ۽ 21 سيپٽمبر تي راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي، ميچز لاءِ 25 سيڪڙو تماشائين کي گرائونڊ ۾ اچڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.

ون ڊي سيريز کانپوءِ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز 25، 26، 29 سيپٽمبر، پهرين ۽ 3 آڪٽوبر تي لاهورجي قذافي اسٽيڊيم ۾ شيڊول آهي.  نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽسمين ٽام بيلنڊل چيو آهي ته اسان جو اسڪواڊ پهريون ڀيرو پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي، ٻڌو آهي ته پاڪستانهڪ خوبصورت ملڪ آهي، جتي ڪرڪيٽ کيڏڻ جا منتظر آهيون. ٽام بلينڊل چيو ته پاڪستاني ٽيم سٺي آهي، آسان حريف نه سمجهنداسين، اسان وٽ به تجربيڪار ڪرڪيٽر موجود آهن.

هن چيو ته نيوزيلينڊ في الحال خالي اسٽيڊيمز ۾ ميچز کيڏي رهي  آهي، خوشي آهي ته پاڪستان ۾ تماشائين جي موجودگي ۾ ڪرڪيٽ کيڏنداسين