سڌارت کانپوءِ سپنا چوڌري جي فوت ٿيڻ جا به افواهه

0
418

ممبئي (شوبز نيوز)ڀارتي اداڪار ۽ ريئلٽي شو بگ باس 13 جو فاتح سڌارٿ شڪلا جي اوچتي موت کانپوءِ بگ باس جي وڌيڪ هڪ اڳوڻي ميمبر جي موت جون خبرون هلي رهيون آهن.سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هريانا سان واسطو رکندڙ ڊانسر ۽ بگ باس جي ڪنٽسٽنٽ سپنا چوڌري هريانا جي علائقي سرسا ۾ هڪ ڪار حادثي ۾ فوت ٿي وئي آهي.

ان کانپوءِ سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان ان خبر تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو پر هاڻي ان حوالي سان حقيقت سامهون آئي آهي ته ڀارتي ميڊيا رپورٽ ۾ سپنا چوڌري جي موت واري خبرن جي ترديد ڪئي وئي آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب سپنا جي ويجهي ساٿي فنڪار ديو ڪمار ديوا خبر کي ڪوڙو قرار ڏيندي ٻڌايو آهي ته سپنا جي موت واري خبرن ۾ سچائي ناهي،

هن جو ڪو به ايڪسيڊنٽ ناهي ٿيو هوءَ مڪمل طور محفوظ آهي.ان حوالي سان سپنا چوڌري به پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائوڻٽ تي پوسٽ شيئر ڪئي جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته بگ باس جي اڳوڻي ڪنٽسٽنٽ صحيح سلامت آهي.