ڀارت سان دنگل: پاڪستان جو 6 بيٽسمين، 2 اسپنرز ۽ 3 پيسرز سان گڏ ميدان تي لهڻ جو پلان

0
283

ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارت سان دنگل ۾ پاڪستان جو 6 بيٽسمين، 2 اسپنرز ۽ 3 پيسرز سان گڏ ميدان تي لهڻ جو پلان آهي. محمد حفيظ ۽ شعيب ملڪ به ضرورت پوڻ تي بالنگ ڪرائي سگهندا ۽ ڀارت سان اهم ميچ ۾ حيدر علي کي کيڏائڻ جا امڪان تمام گهٽ آهن. ٽيم انتظاميا سينيئر ۽ تجربيڪار رانديگرن جي ڪمبي نيشن سان ميدان تي لهڻ جو پلان جوڙيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي اننگز جي شروعات ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان ڪندا، جڏهن ته فخر زمان کي ون ڊائون تي موقعو ڏنو ويندو. محمد حفيظ ۽ شعيب ملڪ جهڙن تجريبيڪار مڊل آرڊر بيٽنگ کي سهارو ڏيندا، آصف علي پاور هٽر طور تي کيڏو، کيس جارحاڻي بيٽنگ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.

اسپنرز عماد وسيم ۽ شاداب خان بيٽنگ ۾ به جارحاڻو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، فاسٽ بالنگ ۾ شاهين آفريدي، حسن علي ۽ حارث رئوف نمايان آهن، جڏهن ته محمد وسيم جونيئر کي ڀارت خلاف نه کيڏائڻ تي اتفاق ٿيو آهي. دبئي ۾ ٿيندڙ ميچ ۾ ٽاس جو ڪردار اهم هوندو، ڇاڪاڻ ته رات جي وقت ڪوهيڙو پوندو، ان ڪري ٽاس کٽيندڙ ٽيم پهرين بالنگ کي ترجيح ڏئي  سگهي ٿي، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پهرين ميچ 24 آڪٽوبر تي کيڏي ويندي.

 

ھي به پڙھندا

پاپونيوگيني کي شڪست: بنگلاديش اڳئين رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو