لاڙڪاڻي ۾ فنڪارا ليلا ۽ شبانه سورٺ سان رهاڻ ملهائي وئي

0
180

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻو جي ميوزڪ شعبي طرفان گلوڪارائن ليلا سورٺ ۽ شبانه سورٺ کي سندن فني خدمتن عيوض ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ڪمپوزر ۽ موسيقار محمد الياس سانگي جي صدارت هيٺ رهاڻ ملهائي وئي. جنهن ۾ مهمان خاص اسسٽنٽ ڪمشنر طفيل احمد شيخ، اعزازي مهمانن آرٽس ڪائونسل جي عهديدار منور رند عبدالهادي بگٽي، برڪت گاد ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي ناليواري ڪمپوزر ۽ موسيقار محمد الياس سانگي چيو ته موسيقي مالها آهي ۽ فنڪار ان مالها جا موتي آهن، هر فنڪار جي پنهنجي خوشبو ۽ چمڪ آهي

ليلا سورٺ ۽ شبانه سورٺ جو شمار انهن فنڪارئن ۾ ٿئي ٿو، جن پنهنجي ڏات کي سنواري سخت محنت کان پوءِ فن جي بلندين کي ڇهندي پنهنجو اڳ مقام ٺاهي ورتو آهي. ليلا سورٺ ۽ شبانه سورٺ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته 7 سال جي عمر کان موسيقي جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي، جنهن ۾ اسان جي والدين توڙي استادن جي محنت ۽ دعائون سان اسان هن مقام تي پهتا آهيون،پروگرام جي ڪاروائي راجا سمون ۽ قدير ڊومڪي هلائي بعد ۾ محفل موسيقي جي تقريب ٿي جنهن ۾ ليلا سورٺ، شبانه سورٺ، پشما لال ۽ شبو لال پنهنجي آواز جو جادو جڳائي ٻڌندڙن کي جهومائي ڇڏيو.