ڀارت جي چيف آف ڊفينس جو ھيليڪاپٽر ڪري تباھ، 11 ڄڻا اجل جو شڪار، بپن راوت مرڻينگ

0
513
ڀارت جي چيف آف ڊفينس جو ھيليڪاپٽر ڪري تباھ، 11 ڄڻا جو اجل شڪار، بپن راوت مرڻينگ
ڀارت جي چيف آف ڊفينس جو ھيليڪاپٽر ڪري تباھ، 11 ڄڻا جو اجل شڪار، بپن راوت مرڻينگ

ڪراچي(م ڊ ڀارتي فوج جي پھرين چيف آف ڊفينس جنرل بپن راوت جو ھيليڪاپٽر ڪري تباھ ٿي ويو، جنهن ۾ 11 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته بپن راوت سخت زخمي ٿي پيو آهي

 ڀارتي ميڊيا موجب چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل بپن راوت جو ملٽري ھيليڪاپٽر رياست تامل ناڊو ۾ ڪونور جي ويجھو ڪري تباھ ٿي ويو، واقعي بعد سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو آھي

ڀارتي ميڊيا موجب ھيليڪاپٽر ۾ سي ڊي ايس بپن راوت جو عملو ۽ خاندان جا ڪجهه ماڻھو سوار ھئا، هن وقت تائين 11 لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته ڊفينس جنرل بپن راوت شديد زخمي ٿيو آهي ۽ هن جو 80 سيڪڙو جسم سڙي ويو جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي

ڀارتي فضائيا جي طرفان سوشل ميڊيا تي تصديق ڪئي وئي آھي تھ چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل بپن راوت جو ايم آءِ 17 فائيو ھيليڪاپٽر ڪري تباھ ٿي ويو آھي، انڊين ايئر فورس پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آھي تھ ھيليڪاپٽر حادثي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آھي

ٻئي طرف ڀارتي ميڊيا رپورٽن ۾ هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ 7 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي پر اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته مارجي ويلن ۾ ڪير آهي

ڀارتي خابرو اداري اي اين آءِ موجب هيلي ڪاپٽر حادثي واري هنڌ تان مليل لاشن کي فوجي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

ياد رهي ته ڀارتي آرمي چيف جنرل بپن راوت 31 ڊسمبر 2019ع تي پنهنجو مدو پورو ڪري رٽائر ٿي ويو هو پر مودي حڪومت کيس ڀارت جو پهريون چيف آف ڊفينس اسٽاف مقرر ڪيو هو