ڪنڌڪوٽ: ذريعن موجب ڏوهارين پهريان 3 راڪيٽ لانچر اي پي سي چين مٿان فائر ڪيا، جنهن مان هڪ راڪيٽ لانچر اي پي سي چين جي پٽي ۾ لڳو ۽ پٽو ٽٽڻ بعد اي پي سي چين بيهجي وئي، بعد ۾ ڏوهارين اينٽي ايئر ڪرافٽ گن سان اي پي سي چين مٿان انڌاڌنڌ فائر ڪيا، جنهن ۾ 2 اهلڪار ۽ فوٽو گرافر شهيد ٿي ويا.