ڪرمپور: ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس آپريشن دوران واقعي کان اڳ اغوا ٿيل ٻن ڄڻن نعمت الله ۽ نقيب الله پٺاڻ کي بازياب ڪرائي ورتو هو، ان ڏس ۾عوين جي وارثن جاويد ۽ ٻين ٻڌايو ته کين پوليس فون ڪري چيو ته ٻنهي مغوين کي بازياب ڪرايو ويو آهي، جنهن بعد خبر پئي ته ڪچي ۾ آپريشن دوران 2 اهلڪار ۽ هڪ فوٽو گرافر مارجي ويا آهن. هوڏانهن پوليس جي اهڙي دعويٰ باوجود مغوين کي ميڊيا آڏو ظاهر ناهي ڪيو ويو.