گهوٽڪي: پي ٽي آء جو ايم پي اي شهريار شر پنهنجي تڪ جا مسئلا کڻي پي پي ايم پي اي فريال ٽالپر وٽ پهچي ويو. پي ٽي آء جي ايم پي اي شهريار شر پي پي ايم اين اي فريال ٽالپر ۽ سهيل انور سيال سان ملاقات ڪئي. شهريار شر جو چوڻ هو ته ملاقات ۾ سنڌ جي سیاسي صورتحال تي تفصیلي ڳالھ ٿي آهي ۽ پي اي 18اوٻاوڙ جي مسئلن بابت کيس آگاه ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته فریال ٽالپر تڪ جا مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ذريعن موجب ڪجھ ڏينهن اندر شهريار شر پاڪستان تحريڪ انصاف ڇڏي باضابطه طور پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيندو.