اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ، اين اي 75 ڊسڪه ۾ 10 اپريل تي اعلانيل ننڍي چونڊ ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، نون ليگ اميدوار نوشين افتخار جَي وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل جاري آهن، عدالت اليڪشن ڪميشن کي ننڍي چونڊ ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ريمارڪس ڏنا ته نوشين افتخار کانسواءِ ٻين ڌرين کي به ٻڌڻو آهي، ڪيس جي فيصلي لاءِ وقت گهربل آهي.