گجرانوالا (م ڊ) تحريڪ انصاف جي بهادر ڪارڪن عمران خان تي حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي جوابدار کي سوگهو ڪيو، تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندڙ ابتسام جو چوڻ آهي ته فائرنگ ڪندڙ شخص باءِ پاس کان پنڌ اچي رهيو هو، هن هڪ گولي فائر ڪئي پر مونکي نه ٿو لڳي ته اها ڪنهن کي لڳي، هو تيار ئي نه هو. هن چيو ته سندس پستول آٽوميٽڪ هو، جڏهن مون ان کي پڪڙيو ته فائرنگ هلي رهي هئي جنهن ۾ هڪ شخص کي به گوليون لڳيون. ابتسام چيو ته مون پسٽل ڏٺو ۽ جيئن هن پسٽل مٿي ڪيو ته مون کيس پڪڙيو. هو پنج ست فوٽ پري بيٺو هو، جيئن ئي هن پنهنجو پستول ڪڍيو ته مون ڊوڙي هن کي پڪڙيو. ابتسام موجب مون هن جو هٿ هيٺ ڪيو ۽ سندس پسٽل هيٺ ڪري پيو، هن ڊوڙڻ شروع ڪيو ته مون کيس پڪڙي ورتو ۽ پوءِ کيس پوليس وٺي وئي. ابتسام جو چوڻ هو ته شرم ٿو اچي ته پهرين فائرنگ ۾ کيس پڪڙي نه سگهيس.