راولپنڊي (م ڊ) گوجرانوالا ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان تي حملي کانپوءِ پاڪ فوج جي ترجمان اداري (آءِ ايس پي آر) جو ردعمل به سامهون اچي ويو آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته گوجرانوالا ۾ لانگ مارچ ڀرسان فائرنگ جو واقعو انتهائي مذمت جوڳو آهي، عمران خان جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون، فائرنگ ۾ مارجي ويل شخص ۽ ٻين زخمين لاءِ به  دعاڳو آهيون، آءِ ايس پي آر چيو ته واقعي ۾ عمران خان سميت سمورن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون.