اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ لاهور ۾ قلم 144 کي اليڪشن ڪميشن ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو، پارٽي چيئرمين عمران خان جي هدايت تي اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪئي وئي. جڏهن ته  اليڪشن ڪميشن پنجاب صوبي ۾ پنجاب حڪومت پاران قلم 144 لاڳو ڪري اليڪشن ريلين تي پابندي لڳائڻ جي حوالي سان پي ٽي آءِ جي بابر اعواڻ ۽ ياسمين راشد جي درخواست تي اڄ سومر ڏينهن اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، اجلاس چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ صبح ساڍي 10 وڳي ٿيندو،  اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جا ميمبر ۽ سيڪريٽري ۽ ٻيا عملدار شرڪت ڪندا.