اسلام آباد (بيورو رپورٽ)مسلم ليگ (ن) پنجاب جي صدر رانا ثناءُ الله خان ن ليگ جي سمورن ڊويزنل ۽ ڊسٽرڪٽ تنظيمن کي هدايت جاري ڪئي آهي ته علائقائي تنظيمون صوبائي تڪن ۾ بهترين، قابل ۽ عوام دوست اميدوارن جي نامزدگي فارمن کي جمع ڪرائڻ کي يقيني بڻائن، نامزدگي فارم ڀرائڻ جو مرحلو مڪمل ٿيندي ئي 15 مارچ تي ن ليگ جو پارلياماني بورڊ مناسب اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪندو، پارٽي ٽڪيٽ لاءِ اميدوار پنهنجون درخواستون هيڊ آفيس ۾ جمع ڪرائن، مقبول جماعت هجڻ جي ڪري مسلم ليگ (ن) عوام ۾ وڃڻ لاءِ هر وقت تيار آهي، فتنه خان کي ووٽ جي طاقت سان مائينس ڪنداسين.