پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس بابت اسڪروٽني ڪميٽي غيرفعال

0
210

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن جو هڪ ميمبر رٽائر ٿيڻ سبب پي ٽي آءِ فنڊنگ ڪيس بابت اسڪروٽني ڪميٽي غيرفعال ٿي وئي، پرڏيهي فنڊنگ ڪيس تي ٻڌڻي دوران اسپيشل سيڪريٽري چيو ته اسڪروٽني ڪميٽي نئين سر جوڙي ويندي

 پ پ ۽ نواز ليگ جو ڪيس به ساڳي نوعيت جو آهي، پي ٽي آءِ طرفان اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ ۾ خاميون هجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي

 پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن عدالتي حڪم جي روشني ۾ ٻين پارٽيز جي به اسڪروٽني ڪري، اڪبر ايس بابر چيو ته پاڪستان ۾ قومي سلامتي پاليسي کي پڌرو ڪيو ويو، پر حڪمران پارٽي جي غيرقانوني فنڊنگ تي پردو رکيو ويو آهي