پگهار سال ۾ هڪ ڀيرو ۽ مهانگائي مهيني ۾ ٻه ڀيرا وڌي ٿي: چوڌري شجاعت

0
330
ق ليگ جي چوڌري شجاعت

ڪراچي: پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته پگهار سال ۾ هڪ ڀيرو وڌي ٿي جڏهن ته مهانگائي مهيني ۾ ٻه ڀيرا وڌي ويندي آهي، يقين آهي ته انقلاب رڳو پگهاردار طبقي ذريعي ئي ايندو

پنهنجي هڪ بيان ۾ چوڌري شجاعت حسين چيو ته هر ليڊر حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ مهانگائي جو شور ته اٿاريندو آهي پر معاشي مسئلن جو حل نه ٿو ٻڌائي

هن چيو ته مهانگائي جي ڪري سڀ کان وڌيڪ پگهاردار طبقو متاثر ٿيو آهي، ڇو ته واپاري طبقو ٻن روپين جي شئي 4 روپين ۾ وڪرو ڪري پنهنجو خسارو پورو ڪري سگهي ٿو

اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته فيڪٽري مالڪ قيمتون وڌائي منافعو ڪمائيندا آهن پر پنهنجن ملازمن جون پگهارون ناهن وڌائيندا، پگهارن وارا هر مهيني ٻه ڀيرا مهانگائي جو ڪيئن مقابلو ڪري سگهن ٿا