پراڻا تجربا ڇا ملڪ کي فائدو ڏئي سگهن ٿا؟

0
182
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

 ملڪ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته هتي سياسي نظام جي حوالي سان سدائين تجربا ڪيا ويا آهن. ملڪ آهي ته جمهوري نظام وارو پر اڌ عرصو ته سڌي سئين آمريت رهي آهي. ان عرصي دوران اسان پنهنجي ملڪ جو وڏو حصو وڃائي به چڪا آهيون پر پوءِ به اهڙيون ڳالهيون ۽ سازشي ٿيوريز ختم نه ٿي رهيون آهن. ڪڏهن ڪهڙو نظام آڻڻ ته ڪڏهن ڪهڙي نظام لاءِ مهم هلائي ويندي آهي پر جڏهن ان جي سخت مخالفت ٿيندي آهي ته پوءِ اهي سازشي ٿيوريز ختم ڪيون وينديون آهن. وري نئين نالي سان انهن کي شروع ڪيو ويندو آهي. هن ڀيري به وري اهڙيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. ميڊيا جي خبرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ هڪ ڀيرو وري صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان افواهه گردش ڪرڻ شروع ٿي ويا آهن جن کي سوشل ميڊيا تي به آندو ويو آهي. سوشل ميڊيا جي فورم ٽوئٽر تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ صدارتي نظام جا افواهه وڌي ڇو ويا آهن؟ ڇو مختلف واٽس اپ گروپن ۾ اهو ميسيج پکيڙيو پيو وڃي؟  اهڙو هڪ ميسيج به شيئر ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم ملڪ ۾ نظام جي تبديلي چاهي ٿو.

ٽن مهينن جي ايمرجنسي صدر لڳائيندو، ايمرجنسي دوران ريفرنڊم ڪرايو ويندو، ٽن مهينن تائين پارليامينٽ مان ڪنهن به منظوري کانسواءِ ملڪ هلايو ويندو. سپريم ڪورٽ جي مداخلت کي تسليم نه ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ فوج کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ميسيج ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم ٽنهي فوجن جي سربراهن کي سڏي ورتو آهي اطلاع آهن صدارتي نظام اچڻ وارو آهي وزيراعظم آخري وار لاءِ تيار آهي. اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته اهو ميسيج ڪهڙي تاريخ جو آهي. هاڻ ڇا ڪو اهڙو ملڪ هوندو جتي ڪنهن نظام جي تبديلي رڳو سوشل ميڊيا ۽ واٽس ايپ گروپن ۾ ايندي هجي؟ هونئن ته اهڙين ڳالهين تي تبصرو ڪرڻ جي ڪا ضرورت نه هوندي آهي ڇاڪاڻ ته اهڙيون ڳالهيون هر ٻئي ڏينهن تي هلنديون رهنديون آهن پر اسان جي بدقسمتي اها به آهي ته هتي ڪنهن به معاملي کي نظرانداز ڪرڻ جي عياشي نه ٿي ڪري سگهجي. اسان وٽ معاملا ائين ئي شروع ٿيندا آهن ۽ پوءِ ماڻهو نظرانداز ڪن ٿا ته خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن راڪاس مٿان اچي بيهندو آهي. ماضي ۾ حڪومت جي خاتمي جي حوالي سان ذوالفقار علي ڀٽو، محمد خان جوڻيجو، بينظير ڀٽو جون ٻئي حڪومتون، نواز شريف جا ٻئي دور ان ڳالهه جا شاهد آهن ته اهڙن واقعن جون ڳالهيون به ڪيترائي مهينا اڳ افواهن سان شروع ٿيون هيون پر پوءِ انهن جو حشر جيڪو ٿيو اهو تاريخ ۾ محفوظ ٿي چڪو آهي.

اسان وٽ ته نظام تبديلي جي نالي تي تحريڪ هلي ٿي. چونڊيل وزيراعظمن کي مدو پورو ڪرڻ نه ٿو ڏنو وڃي ته پوءِ ڪنهن اهم واٽس ايپ گروپ ۾ ڪو ميسيج جيڪو ملڪ جي نظام کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو هجي اهو گردش ڪري ته ان کي ڪيئن ٿو نظرانداز ڪري سگهجي. اسان جو ملڪ اهڙن تجربن مان گذري چڪو آهي پر هاڻ وڌيڪ ڪنهن به اهڙي تجربي کي برداشت نه ٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن هي ملڪ عوام جو آهي ته ان ۾ ڪهڙو نظام هلندو اهو فيصلو عوام ڪري چڪو آهي ته ان کي ڪنهن شخص جي خواهش تي ڪيئن ٿو تبديل ڪري سگهجي؟ ڪو ماڻهو پاڻ کي مسيحا پيش ڪري ته ڇا ان جي خواهش تي سڀ ڪجهه ختم ڪري سگهجي ٿو؟ ڇا اهڙو فيصلو دانشمنداڻو چئي سگهجي ٿو؟ اسان سمجهون ٿا ته ملڪ ۾ پارلياماني جمهوري نظام کي ئي اڳتي وڌائڻ گهرجي. ان کي مضبوط ڪرڻ گهرجي، ان خلاف سازشن کي ٻنجو ڏياريو وڃي ۽ پارليامينٽ کي ئي اصل طاقت بڻايو وڃي ته جيئن عوام به دنيا جي مهذب ملڪن سان گڏجي هلي سگهي. اسان جو ملڪ ۽ اسان جو عوام ان ڳالهه جي لائق آهي ته انهن کي به بهتر حڪمراني جو حق ملي ۽ بهتر نظام جا فائدا حاصل ٿين. نوان تجربا ليبارٽرين ۾ته سونهن ٿا جتي ڪا سکيا وٺڻي هجي پر ڪنهن ملڪ کي تجربن جي مشق نه ٿو بڻائي سگهجي سو به انهن تجربن جي جيڪي اڳ ۾  ئي ناڪام ثابت ٿي چڪا آهن. ادارن کي خودمختياري ڏئي ملڪ جي آئين جي احترام جو پابند بڻايو وڃي ته جيئن ملڪ جي عوام جو انهن تي اعتماد بحال ٿي سگهي.