گمبٽ (ن پ ا) ايم اين اي نفيسا شاهه ۽ پ پ پنجاب جي پارلياماني سيڪريٽري ايم پي اي حسن مرتضيٰ گمس پهچي بون ميروو،ڪينسر وارڊ ،جيري جي پيوندڪاري، دل جا شعبن سميت مختلف وارڊن جو دوري ڪري داخل مريضن جي عيادت ڪئي. ملڪ کان وڌيڪ ڌارين جو بار سنڌ تي آهي، سنڌ ۾ ڪنهن به غير کي سڃاڻپ ڪارڊ نه ڏنو ويندو پيپلز پارٽي جو چٽو موقف آهي ته سنڌ ۾ آيل بنگالين، برمين، افغانين سميت ڪنهن به ڌاري کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ واري عمل جي مخالفت ڪجي ٿي. دريا سنڌ جي ملڪيت آهي، ان جي پاڻي تي سڀ کان پهريان حق سنڌ جو آهي. هن وڌيڪ چيو ته تبديلي سرڪار عوام لاءِ عذاب بڻجي وئي آهي. ڪپتان هڪ ڪروڙ گهر ڏيڻ جو اعلان ڪيو هيو پر اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ هن ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ سان گڏ روزگار به کسيو آهي. پ پ پنجاب جي پارلياماني سيڪٽري ايم پي اي حسن مرتضيٰ چيو ته شيخ رشيد نابالغ ٻار آهي جنهن کي پنهنجي خبر ناهي ته هو ڪهڙي در کان آيو آهي.ٽي ايل پي تي پابندي نه هڻڻ گھرجي.