حيدرآباد (بيورو رپورٽ) انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمن جي اڳواڻن، صحافين، ليکڪن ۽ سماج سڌارڪن چيو آهي ته آءِ اي رحمان انساني حقن جي تحريڪ ۽ اظهار جي آزادي لاءِ جاکوڙيندڙ سگهارو آواز هو، جنهن جي وڇوڙي سان انهن ٻنهي تحريڪن کي وڏو نقصان رسيو آهي. آءِ اي رحمان نظرياتي سوچ، ترقي پسند روايتن، جمهوري قدرن ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ هر محاذ تي جدوجهد ڪئي. حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس ۽ انساني حقن جي تنظيم ايڇ آر سي پي پاران آءِ اي رحمان جي ياد ۾ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، آءِ اي رحمان جي ساٿي ۽ ايڇ آر سي پي جي ڪو چيئرپرسن اسد اقبال بٽ چيو ته ايڇ آر سي پي انساني حقن جي حاصلات لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي آهي ۽ ان جي قيام ۾ صحافين ۽ وڪيلن جو به وڏو ڪردار رهيو آهي. آءِ اي رحمان جي انساني حقن جي آزادي لاءِ ڏنل قربانين کي وساري نٿو سگهجي. ملڪ ۾ اڄ به ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي ۽ انساني حقن جي لتاڙ ٿي رهي آهي. اهڙي حالت ۾ ملڪ کي آءِ اي رحمان جهڙن بهادر انسانن جي ضرورت آهي. سينيئر صحافي جي اين مغل چيو ته آءِ اي رحمان پاڪستان ۾ جمهوريت پسند ۽ عوام دوست صحافت جي بانيڪارن مان هو. قاضي خضر چيو ته آءِ اي رحمان جو ڪردار انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ماڻهن ۽ اظهار جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙن لاءِ مشعل راهه آهي. ڪامريڊ بخشل ٿلهو چيو ته آءِ اي رحمان پوري صدي جي جدوجهد جي تاريخ رکندڙ انسان هو. تاج جويو چيو ته آءِ اي رحمان جي کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي مسئلي تي جدوجهد کي وساري نٿو سگهجي. آءِ اي رحمان ۽ عاصمه جهانگير کي سنڌ جا ماڻهو سدائين ياد رکندا. ان موقعي تي ڪامريڊ تاج مري، پنهل ساريو، اسحاق مڱريو، گلبدن جاويد مرزا، پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو، مهيش ڪمار ۽ ٻين آءِ اي رحمان جي تصوير آڏو ميڻ بتيون ٻاري کيس ڀيٽا پيش ڪئي.