پيروسڻ (ن پ ا) پيروسڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ خدا بخش نوراڻي ۾ نوراڻي برادري ۾ سڱاوتي تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو، مشرف پنھنجي برادري جي ناري ثمرين نوراڻي سان عدالتي پرڻي تان ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ھلندڙ ھئي، سوڀو خان نوراڻي، محمد بخش، رجب علي، رحمت علي ۽ آڌار علي نوراڻي جي گھرن کي باھ وڪوڙي ورتو، گھرن اندر پيل سامان سڙي رک ٿي ويو، ڳوٺاڻن باھ تي ڪنٽرول ڪري وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو، ان موقعي تي نوجوان مشرف نوراڻي ڌر جي سوڀو خان ٻڌايو ته اسانجي گھرن کي ناري ثمرين جي مائٽن غلام سجاد نوراڻي جي ڌر جا ماڻھن باھ ڏني آھي. جڏھن ته گھرن کي باھ ڏيڻ جي الزام ھيٺ آيل ناري جي مائٽن ٻڌايو ته سوڀو خان جي ڌر اسان مٿان بي بنياد الزام مڙھي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ چاھي ٿي. ھوڏانھن ايس ايڇ او پيروسڻ ٻڌايو ته گھرن کي لڳل باھ جي انڪوائري ڪري ملوث ڌر مٿان ڪيس داخل ڪيو ويندو.