ڪرائي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي. ان ڏس ۾ ڀٽ شاھ سميت آسپاس وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان ھلڪي برسات جو سلسلو جاري رهيو، بوندا باندي جي ڪري موسم خوشگوار ٿي وئي ۽ گرمي جو زور به گھٽجي ويو. هالا سميت ڀرپاسي جي علائقن ۾ وسيل هلڪي برسات سبب هالا لڳ ڳوٺ جاڙا واٽر نيشنل هاءِ وي تي ڪار، ٽرڪ ۽ ڊاٽسن جي سلپ ٿي ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ ڳوٺ اول ڇڇر جا رهواسي 16 ماڻهو عورتون، ٻار ۽ مرد زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ خان محمد، الهه وسايو، جيئندو ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي اتان گذرندڙ ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت ذاتي گاڏين ذريعي هالا، ڀٽ شاهه، مٽياري ۽ حيدرآباد اسپتالن ڏانهن پهچايو. چيلھار ۽ ڀرپاسي جي مختلف ڳوٺن ۾ ھلڪي برسات کانپوءِ ڀوريلو اڪليون سورام جنجھيئر سميت ٻين ڳوٺن ۾ گرمي جو زور ٽٽي ويو.