حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ نوابشاھ پوليس هٿان سرن جي بٺي تان کنڀي گم ڪيل پيءُ ۽ پٽ جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کي 30 جولاءِ تائين ٻنهي ڄڻن جي گمشدگي بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. نوابشاهه جي رهواسي علي وڪيل معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي جنهن ۾ هن ايس ايس پي شهيد بينظير آباد، ايس ايچ او نوابشاهه ۽ ٻين کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته 4 ڏينهن اڳ نوابشاهه پوليس عدالتي حڪم تحت کين بٺي تي ڇاپو هڻي بازياب ڪرايو جنهن دوران 14 ڄڻن کي پوليس ٿاڻي تي آندو جتان 12 ڄڻن کي ٻن ڏينهن بعد ظاهر ڪيو ويو آهي. پورهيت نظير ۽ سندس پٽ محمد علي کي ظاهر نه ڪيو ويو آهي. جسٽس ارشاد علي شاھ تي مشتمل سنگل بئنچ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته سيشن جج جي حڪم تي بٺي مالڪ خلاف پوليس ڪارروائي نه ڪئي آهي جڏهن ته بازياب ڪرايلن مان بيگناهه ٻن ڄڻن کي پراسرار نموني گم ڪيو ويو آهي.