سنجهورو (ن پ ا) 24 ڏينهن کان گم سنجهوري واسي نوجوان گل ضمير خاصخيلي کي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي تي ظاهر ڪيو ويو. گل ضمير خاصخيلي جي گرفتاري چوري ٿيل موٽر سائيڪل ۾ ڏيکاري وئي. روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز نوجوان گل ضمير خاصخيلي جي گمشدگي ۽ بازيابي واري مسئلي کي بهترين طريقي سان رپورٽ ڪيو. سنجهوري واسي نوجوان گل ضمير خاصخيلي ڪورنگي واري علائقي ۾ ڊينم گارمينٽ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندو هو ۽ 12 جون تي ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ سڌير شر سان موٽر سائيڪل تي ويندي کنڀجي ويو هو ۽ 24 ڏينهن کانپوءِ سندس گرفتاري ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي تي ظاهر ڪئي وئي. نوجوان گل ضمير خاصخيلي کي 24 ڏينهن کانپوءِ ظاهر ڪرڻ تي سندس وارثن ۾ ڦھليل ڳڻتي ۽ پريشاني ختم ٿي وئي سندس گهر ۽ سنجهوري شھر ۾ خوشي جي لهر ڦھلجي وئي.