پونم پانڊي جي نئين لباس سوشل ميڊيا تي باهه ٻاري ڇڏي

0
483

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي ماڊل ۽ اداڪارا پونم پانڊي پنهنجي بولڊ لباس سبب گهڻي مشهور آهي، اهو ئي سبب آهي جو مداح مٿس تنقيد به ڪندا رهندا آهن.اهڙو ئي ڪجهه پونم پانڊي سان وري ٿي رهيو آهي، ڇو ته هوءَ ايئرپورٽ تي غير روايتي لباس ۾ نظر آئي، جنهن تي سوشل ميڊيا واهپيدار تپي باهه ٿي ويا

ڀارتي ميڊيا موجب پونم پانڊي ڪرسمس ملهائڻ لاءِ ممئبي کان دب ئي روانگي لاءِ ايئرپورٽ پهتي ته کيس ڪاري رنگ جي لباس ۾ ڏٺو ويو.هڪ ڀارتي فيشن فوٽوگرافر پونم جي ايئرپورٽ تي ڪاري لباس ۾ ورتل تصوير سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪئي ۽ ڪيپشن ۾ ”ادا ڪارا“ لکيو، جنهن تي واهپيدارن تنقيد شروع ڪري ڇڏي.هڪ واهپيدار لکيو ته واقعي اداڪارا؟ جڏهن ته ٻئي کيس ”سستي ڪم ڪرڊشين“ قرار ڏئي ڇڏيو.